الطاف حسين بابت ڪي به دستاويز برطانوي حڪومت حوالي ناهن ڪيا: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) چوڌري نثار علي خان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين منهنجي باري م بيان ڏنو هو ته مون برطانوي حڪومت کي ان خلاف ڪنهن قسم جا دستاويز فراهم ڪيا آهن مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجي ۽ برطانوي سفير وچ ۾ ملاقات ڪنهن کان لڪيل ناهي برطانوي سفير سان ملاقات ۾ الطاف حسين خلاف داخل ايف آءِ آر ۽ ان جي تقريرن اببت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي برطانوي سفير کي الطاف حسين جي ڌمڪين بابت آگاهه ڪيو، برطانوي سفير واضح ڪيو ته الطاف حسين برطانوي شهري آهي ۽ برطانيه ۾ ويهي ڌمڪيون ڏئي ٿو هن جو چوڻ هو ته برطانوي سفير واپسي تي پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جي باري ۾ ٻڌائيندو، گهرو وزير جو چوڻ هو ته اي سي ايل ۾ ساڍا 8 هزار ماڻهن جا نالا شامل آهن جيڪي نه هجڻ گهرجن، جلد نئين اي سي ايل پاليسي سامهون آڻينداسين، هن واضح ڪيو ته حڪومت بغير ڪنهن ثبوت جي ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ نه وجهندي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي موت واري سزا جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت جي درخواست تي صولت مرزا جي ڦاهي ملتوي ڪئي وئي صولت مرزا کي 19 مارچ تي ڦاهي ڏني وڃي ها پر صولت مرزا جي بيان جي تصديق لاءِ 90 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي موت جي سزا ٻڌايل ٻئي قيدي شفقت حسين جي باري ۾ ڳالهائيندي گهرو  وزير ٻڌايو ته ڪنهن پرڏيهي دٻاءُ تي شفقت حسني جي سزا ملتوي ناهي ڪئي وئي شفقت حسين جي معاملي تي ڪجهه عنصر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا ڪوبه اندروني يا ٻاهريون دٻاءُ ناهي پر صرف الله تعاليٰ جي ذات جو خوف آهي هن جو چوڻ هو ته شفقت حسين ڪيس جي حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ورتي وئي آهي سموريون حقيقتون عدليه، ميڊيا ۽ قوم سامهون رکيون وينديون ڇو ته اسان شفقت حسين ۽ جن جو ٻار قتل ٿيو ان سان به انصاف ڪرڻو آهي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڌري نثار انڪشاف ڪيو ته ڪجهه ملڪن مان قيدين جي حوالگي جي معاهدي کي گذريل دور ۾ غلط استعمال ڪيو ويو هو جاچ کانپوءِ خبر پئي ته هڪ نه پر چار قيدي برطانيه کان وطن واپس آندا ويا، 2000ع ۾ ڇڏيل چئن ئي ماڻهن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قيدين کي آزادي ڏيارڻ ۾ ڪا مافيا ملوث آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *