الزام جج کي هٽائڻ لاءِ ناڪافي قرار، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف صدر کي خط لکڻ تي مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل ٻڌڻي کانپوءِ درخواست خارج ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، ڪونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ تي صدر کي خط لکڻ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ وحيد شهزاد بٽ آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي جي درخواست ڪئي هئي، درخواست گذار موقف اختيارڪيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ بي نامي ملڪيتن جو جواب ڏيڻ بدران صدر کي خط لکي مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي، ججز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سپريم جوڊيشل ڪونسل چيو ته رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته خط لکڻ وقت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي دٻاءُ هو، ريفرنس جون خبرون هلڻ وقت سندس سهرو ۽ نياڻي بيمار هئي، نٿو لڳي ٿو ته صدر کي خط لکڻ جو ڪو سنجينده معاملو هو، ڪونسل لکيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران صدر کي خط لکڻ مس ڪنڊڪٽ نه هو، درخواست گذار اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پاڪستان جي صدر کي لکيل خط جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ظاهر ڪيو، صدر کي لکيل خط ذاتي حيثيت ۾ هو، ريفرنس کي رد ڪندي ڪونسل چيو ته وحيد شهزاد بٽ ڪو اهڙو ثبوت نه ڏئي سگهيو جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته جسٽس فائز عيسيٰ صدر کي لکيل خط بابت ڪنهن کي ڪجهه چيو هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *