اقتصادي لنگهه جو رستو پهرين پنجاب کان نڪتو ته ملڪ ۾ نفرتون پکڙجنديون: عمران خان

صوابي (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته سڀئي سياسي پارٽيون پنهنجون چوريون لڪائڻ لاءِ هڪ ٿي ويون آهن. صوابي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي، عمران خان چيو ته  سڀني وڏين پارٽين اقتدار لاءِ واريون رکيون آهن، هاڻي ائين نه ٿيندو، ايندڙ چونڊن ۾ خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت هوندي. عمران خان چيو ته اسان صوبي ۾ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جو هاڻي ايندڙ چونڊن ۾ اسان کي چونڊ مهم هلائڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ اسان ايندڙ چونڊون بنا چونڊ مهم جي  کٽينداسين.عمران خان چيو ته اسان صوبي جي ترقي لا3 اڻ ٿڪ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ اسان جو هدف نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن اڻڻ آهي، ان مقصد جي ڪري اسان صوبي ۾ راندين جا ميدان ٺاهينداسين ۽ هر ضلعي ۾ راند جو هڪ ميدان ضرور هوندو. عمران خان جو چوڻ هو ته هاڻي عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عوام جيڪو ٽيڪس ڀري ٿي انهن جو پئسو انهن تي ئي خرچ ٿيندو ۽ اسان صوبي ۾ ترقياتي ڪم جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين.صوابي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت آهي، هو وزيراعظم کي نياپو ڏيڻ ٿو چاهي ته  پاڪ-چين اقتصادي لنگهه رٿا جو سڀ کان ننڍو رستو ٺاهي وڃي، ان سان پٺتي پيل علائقا خوشهال ٿي ويندا ۽ بلوچستان ۾ ڌار ٿيڻ واري تحريڪ ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته هن پنهنجي ڪاروبار لاءِ راهداري جو رستو پهرين ئي پنجاب مان ٺهرايو ته ان سان وفاق ڪمزور ٿيندي ۽ ٻين صوبن ۾ پنجاب لاءِ نفرتون وڌينديون. چئيرمين تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت چوري نٿي روڪي سگهي. وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ بجلي جو نظام اسان جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي، هو واعدو ڪري ٿو ته نه رڳو لوڊشيڊنگ ختم ڪندو پر بجلي جا اگهه به سستا ڪيا ويندا.سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ٻين صوبين ۾ سياسي پارٽيون 6،6 ڀيرا اقتدار ۾ آيون پر اسان پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيا آهيون، جنهن جي ڪري اسان کي اهو سمجهڻ ۾ دير ٿي ته ادارا ڪيترا ته تباهه ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *