اقتصادي راهداري منصوبي تي خيبرپختونخواهه حڪومت پنهنجن خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي: عمران خان

پشاور (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي تي خيبرپختونخواهه حڪومت پنهنجن خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، صوبي کي پنهنجو جائز حق ملڻ گهرجي. باب پشاور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان الزام هنيو ته اقتصادي راهداري منصوبي بابت ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وزيراعظم نواز شريف ڪوڙ ڳالهايو هو. هـُن چيو ته پرويز خٽڪ خيبرپختونخواهه جي خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ان خاطري ڪرائي آهي ته راهداري منصوبي تي سمورا خدشا ختم ڪيا ويندا. عمران خان چيو ته 60 سالن اندر ساڍا پنج سئو ارب رپين جو قرض ورتو ويو پر موجود حڪومت اڍائي سالن اندر 4 هزار 700 ارب رپين جو قرض ورتو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان حڪومت کي 11 ارب ڊالرز جو فائدو ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ايتري رقم ڪيڏانهن وئي آهي. عمران خان چيو ته باب پشاور جو افتتاح ڪرڻ مان ثابت ٿي ويو ته فلائي اوور رڳو لاهور ۾ نٿا ٺهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *