اقتصادي راهداري جو تعلق ڪراچي جي امن سان آهي، امن لاءِ هر حد تائين وينداسين: آرمي چيف

اسلام آباد(اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اربع ڏينهن 5 ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي، انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري انٽيليجنس، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ ۽ ٻين اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. آرمي چيف کي اجلاس دوران ڪراچي ۾ جاري آپريشن ۽ انٽيليجنس بنياد تي جاري ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف ڪراچي ۾ جاري ڪارروائين جي ڪاميابي ۽ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۽ آپريشن دوران ڏنل قربانين جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڪراچي ۾ امن بحال ڪرائڻ لاءِ جاري آپريشن ۾ ڪراچي واسين طرفان ڏنل حمايت تي پڻ تعريف ڪئي. جنرل راحيل شريف چيو ته ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ معاشي سرگرميون ڪراچي ۾ امن سان سلهاڙيل آهن. هن چيو ته دهشت کان پاڪ ۽ پرامن ڪراچي جاري آپريشن جو مک مقصد آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان کان اڳ اربع ڏينهن صبح جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف الائيڊ آفيسرز جي ايئر وار ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف عالمي توڙي علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ تي روشني وڌي.  هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين رسايو ويندو ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويندو جنهن سان ملڪ ترقي جي دڳ تي هلي سگهي. ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردن خلاف ضرب عضب آپريشن ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *