اقتصادي رابطه ڪميٽي اسٽيل مل جي ملازمن کي عيد جون 2 پگهارون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) اقتصادي رابطه ڪميٽي اسٽيل مل جي ملازمن کي عيد جون 2 پگهارون جاري ڪرڻ ۽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن چڻن جي دال ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت پاران هڪ لک ٽن دال ڄڻا ٻاهران گهرائڻ جيسفارش ڪئي وئي، جنهن بعد ڪميٽي 50 هزار ميٽرڪ ٽن چڻن جي دال ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي جي منظوري بعد ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان جي ذريعي 50 هزار ميٽرڪ ٽن چڻن جي دال ٻاهران گهرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي اسيٽل مل جي ملازمن کي عيد کان اڳ 2 پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ 96 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ملازمن کي جون ۽ جولاءِ جون پگهارون ڏنيون وينديون. اي سي سي پاران پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري جي ملازمن کي پڻ عيد کان اڳ پگهارون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *