اقتصادي رابطا ڪميٽي 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪابينه جي اقتادي رابطا ڪميٽي 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي وڌيڪ برآمد جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڪراچي جي ملازمن جي هڪ مهيني جي پگهار ڊسمبر 2016 جي لاءِ 38 ڪروڙ رپين جي فراهمي جي به منظوري ڏني آهي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اڱاري جي صبح وزيراعظم آفيس ۾ ڪوٺايو ويو. اي سي سي نان فائلرز کي بئنڪاري وهنوار تي گهٽ ڪيل شرح جو 0.4 سيڪڙو جي وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مدي ۾ 30 جون 2017 تائين واڌ جي منظوري ڏني ڪميٽي ڪڻڪ جي سرڪاري شعبي جي خريداري لاءِ تقريبن 70 لک ٽن جي حدف جي به منظوري ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *