افغان عوام جي معاشي بهتري لاءِ بهترين ڪوششون ڪرڻيون پونديون، افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي: جنرل قمر جاويد باجوا

راولپندي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجواچيو آهي ته افعانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي آئي ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه سان افغانستان پاڪستان ۽ ايران جي فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس ۽ برطانيا جي خاص نمائندي نائجل ڪيسي ملاقات ڪئي. جنهن۾ گڏيل دلچسپي وارا معاملا افغانستان جي تازي اڳڀرائي سميت علائقائي سلامتي جي صورتحال ي ڳالهيونڪيون ويون ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته اسان پنهنجا ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جا خواهشمند آهيون پاڪستان عالمي علائقائي سطح وارن معاملن کي برطانيا جي ڪردار کي اهميت ڏي ٿو ۽ برطانيا سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي. افغانستان ۾ انساني بحران جي صورتحال پيدا نه ٿيڻ ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي عالمي ڌيان سان افغانسان ۾ انساني بحران کي روڪي سگهجي ٿو. افغان عوام جي معاشي بهتري لاءِ بهترين ڪوششون ڪرڻيون پونديون آئي ايس پي آر مطابق نائيجر ڪيسي به افغان صورتحال ۾ پاڪستان جي ڪردار بارڊر مئنجمينٽ لاءِ خاص ڪوششن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار کي ساراهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *