افغان صدر اشرف غني جي جــِي ايڇ ڪيو آمد، گارڊ آف آنر پيش، آرمي چيف سان به ملاقات

راولپنڊي (بيورو) پاڪستان ۽ افغانستان جا ٻه طرفا لاڳاپا تاريخي اڳڀرائي ڏانهن وڌي رهيا آهن، افغان صدر اشرف غني جــِي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهچي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. افغان صدر اشرف غني جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهتو،جتي پاڪ فوج جي جوانن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. جــِي ايڇ ڪيو جي دوري دوران افغان صدر اشرف غني پاڪ فوج جي شهيدن يادگار تي حاضري پڻ ڀري. اشرف غني، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سان ملاقات پڻ ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. افغان صدر اشرف غني دوري دوران صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان پڻ ملاقاتون ڪندو. صدر ممنون حسين، افغان صدر جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب به منعقد ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف سان اشرف غني مانجهاندي تي ملاقات ڪندو. افغانستان جو صدر اشرف غني اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سندس استقبال ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *