افغان سفير جي ڌيءَ جي ڪيس ۾ ڪجهه ڳجهو نٿا رکڻ چاهيون: شاھ محمود

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي ڪيس بابت ڪا به ڳالهه پوشيده نٿا رکڻ چاهيون، چاهيون ٿا ته حقيقي دنيا جي آڏو اچن. قومي سلامتي بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار معيد يوسف ۽ آءِ جي اسلام آباد سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت پاڪستان افغان سفير جي ڌيءَ جي ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، موجود شاهدين تحت اغوا ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي. هن چيو ته افغان هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪندي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسان تصديق ڪري ورتي آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ گهر مان نڪري ڪاڏي ڪاڏي وئي،  اسان ڪجهه نوٽيسف افغان پرڏيهي وزارت سان شيئر ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته افغان هم منصب کي 16 جولاءِ تي پيش آيل واقعي تي هن وقت تائين قدمن کان آگاهه ڪيو آهي، هاڻ پاڪستان کي افغانستان طرفان سهڪار جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي اِهو به چيو ته اسان جي خواهش آهي ته حقيقتون دنيا جي آڏو رکون، افغان هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان حڪومت جوابدارن جي  گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان سفير کي پرڏيهي کاتي اچڻ جي دعوت ڏني، اسن افغان سفير کي ٻڌايو ته اسان کي هن جي سيڪيورٽي جي فڪر آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *