افغان سرڪار دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري: آرمي چيف

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪابل ۾ افغان صدر ۽ ايساف ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي، جنرل راحيل شريف افغان سر زمين تي دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، افغان صدر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر هنگامي دوري تي افغانستان پهچي ويا. ڪابل ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغان صدر اشرف غني ۽ ايساف ڪمانڊر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به موجود هو.افغان صدر ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وچ ۾ ملاقات دوران دهشتگردي خلاف اهم انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغان سرڪار کي اپيل ڪئي ته افغانستان جي سر زمين تي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪيون وڃن. ٻئي جنرل افغانستان ۾ عسڪري قيادتن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا، جڏهن ته آرمي چيف جي افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات به رٿيل آهي.ذريعن موجب عسڪري قيادت افغان اختيارين سان دهشتگردي خلاف ويڙهه کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي.وزير اعظم ميان نواز شريف پشاور واري اي پي سي کي ٻڌايو ته آرمي چيف صدر اشرف غني سان ملاقات ڪري دهشتگردي خلاف ويڙهه واري ميڪنزم کي حتمي شڪل ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ساڻس ڳالهيون ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *