افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت آزاد، متحرڪ ۽ ذميوار ميڊي  جي ڪردار تي مڪمل يقين رکي ٿي. وزير اعظم اِها ڳالهه سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات جي پڌرائي موجب وزير اعظم چيو ته ميڊيا کي فرضن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، ملاقات جي پڌرائي موجب سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ سڌارن تي بريفنگ ڏني جڏهن ته وزير اعظم سڌُ سماءَ واري وزي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڏني ته سڌُ سماءَ واري وزارت ميڊيا بابت معاملن ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي آهي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت جي عالمي سطح تي سڃاڻپ بهتر ڪرڻ جي لاءِ وزارت کي هر سهولت ۽ سهڪار فراهم ڪيو ويندو.هوڏانهن  وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جو مقصدپاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ آهي ۽ پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي. وزير اعظم عمران خان سان ڊيرا غازي خان ڊويزن سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي، اسان جو مقصد پاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ آهي، هيٺين طبقي کي مٿي آندو ويندو. وزير اعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ملڪ جي ترقي ۽ وسيلن کي ڪم آڻڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي. موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب کي ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڏکڻ پنجاب جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف جي نظريي تي 2018ع جي اليڪشن ۾ ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان، طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ابوظهبي ۾ ڳالهين ۾ مدد ڪئي ۽ دعا آهي ته ڳالهين جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ امن قائم ٿئي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان امن عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪندو رهندو، دعا آهي ته ڳالهين ذريعي افغان عوام جون ٽن ڏهاڪن کان جاري مشڪلاتون ختم ٿين. ياد رهي ته  پاڪستان جي مدد سان گڏيل عرب رياستن جي گادي واري شهر ابوظهبي ڪالهه افغان امن ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ طالبان سميت ڌرين ڳالهين جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ڳالهين ۾ شريڪ طالبان نمائندا پنهنجي شوريٰ سان ڳالهيون ڪندا ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ٻيهر آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد سان ملاقات ڪندا. ڳالهين ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان کانسواءِ اماراتي ۽ سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن پڻ حصو ورتو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *