افغانستان ۾ امن جو قيام رڳو سياسي طور تي ممڪن آهي: پاڪستان

نيو يارڪ(اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستان طرفان افغان ڳالهين جي عمل سان نه رڳو افغانستان ۾ استحڪام ۽ خوشحالي جي اميد پيدا ٿي آهي پر ان سان پوري خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي ايندي. گڏيل قومن جي اداري جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي حوالي سان بحث دوران گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي سفير جو چوڻ هو ته عالمي برادري ننتيجي تي پهتي آهي ته افغانستان ۾ امن جو قيام رڳو سياسي طور تي ممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري جنگ جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيئن افغان عوام کي امن ملي سگهي. افغانستان ۾ امن امان جي حوالي سان هن پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران امن ڳالهين لاءِ مشاورتي عمل شروع ڪيو ويو آهي. مليحه لوڌي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هارٽ آي ايشيا ڪانفرنس جي موقعي تي ان حوالي سان ٿيندڙ هاڪاري اڳڀرائي جو حوالو ڏيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ افغان صدر اشرف غني هاڪاري ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغانستان، پاڪستان، امريڪا ۽ چين تي ٻڌل 4 ملڪي گروپ جوڙيو ويو آهي ته جيئن افغان امن ڪوششن کي ڪامياب بڻائي سگهجي. هن چيو ته ان نئين حڪمت عملي جي ڪاميابي جو دارومدار چئني ملڪن تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *