افغانستان واپار جي سهولت لاءِ پرعزم آهي، يقيني بڻايو ويندو ته پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غلط استعمال نه ٿئي : وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت افغانستان جي واپار جي سهولت جي لاءِ پرعزم آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غلط استعمال نه ٿئي. وزير اعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ مان فائدو کڻڻ لاءِ ميڪنزم کي بهتر بڻائڻ جو جائزو ورتو ويو. واپار واري سيڪريٽري پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي ۽ آپريشنل سطح تي پيش معاملن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. وزير اعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان مارڪيٽس ۾ سامان جي اسمگلنگ اسان جي پنهنجي صنعت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، افغانستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان حڪومت افغانستان جي واپار جي سهولت جي لاءِ پرعزم آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جو غطل استعمال نه ٿئي. عمران خان چيو ته ڪنهن هب قسم جو نئون انتظام پاڪستان صنعت جي نمو ۾ رنڊڪ ناهي بڻيو، صنعت جي ترقي ۽ برآمدات کي وڌائڻ موجوده حڪومت جون بنيادي ترجيحون آهن، افغان اختيارين سان گڏجي پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بندوبستن کي هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *