افغانستان نيوزيلنڊ کي هارائي انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ افغانستان ميزبان نيوزيلينڊ کي 202 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.هيگلي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون افغانستان جي 4 بئٽسمينن ففٽيون اسڪور ڪيون، رحمت الله گورباز 69، ابراهيم زردان 68، عظمت الله عمرزئي 23 بالن تي 66 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته بهير شاهه 67 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيو. بعد ۾ جوابي اننگز ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 29 هين اوور ۾ 107 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.سيمي فائنل ۾ سومر 29 جنوري تي افغانستان جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو. پاڪستان پهريان ئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، جتي ان جو مقابلو اڱاري 30 جنوري تي ڀارت يا بنگلاديش سان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *