افغانستان سان لاڳاپن جي بحالي لاءِ پارليامينٽ جو جرڳو موڪليو وڃي: قومي اسيمبلي

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني جي ضرورت آهي افغانستان سان لاڳاپن جي بحالي لاءِ پارليامينٽ جو جرڳو موڪليو وڃي ۽ بارڊر بند ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ڀارت ۽ افغانستان جي سرحدن جي مئنجمينٽ جي حوالي سان هوم ورڪ واضح ڪرڻو پوندو پاڪستان جو اميج بهتر بنائڻ لاءِ پاڙيسرين سميت سڄي دنيا سان سڄا لاڳاپا رکڻا پوندا جڏهن ته وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته اسان لاش به کنيا آهن ۽ معافي به گهرون اهو نٿو ٿي سگهي ٻن جنگين ۾ افغانستان ڀارت جي حمايت ڪئي افغانستان ڀارت جي ڊڪٽيشن تي اسان سان لاڳاپا چاهي ٿو جيڪي اسان کي ڪنهن به صورت منظور ناهن ايوان سمجهي ٿو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ناڪامي جو شڪار آهي ته اسان کي تجويزون ڏي ۽ جائزو وٺي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪنداسين اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ شاهده رحماني پاران پيش ڪيل رٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول جون روزانو خلاف ورزي ڪري رهيو آهي هن چيو ته پاڪ افغان سرحد بند ڪرڻ سان دهشتگردي کي نٿو روڪي سگهجي شاهده رحماني چيو ته پاڪستان کي پاڙيسرين سان لاڳاپا بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي تي ايوان ۾ بحث وقت جو اهم تقاضو آهي دهشتگردي سان منهن ڏيڻ ۾ پرڏيهي پاليسي جو اهم ڪردار آهي. نعيمه ڪشور خان چيو ته افغانستان سان گڏجي مسئلن تي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت آهي بارڊر بند ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. حاجي شاهه جي گل آفريدي چيو اهي ته اسان کي افغانستان کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ گهرجن ته جيئن هو اسان جي بندرگاهن ذريعي واپار ڪري محمد عزيز ملڪ چيو ته وزيراعظم جي موثر قدمن سبب ڪامياب اي سي او سمٽ جو انعقاد ممڪن ٿيو جنهن سان رڪن ملڪن سان گڏ سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپا مضبوط ٿيندا شازيه مري بين الاقوامي سطح تي پرڏيهي معاملن کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو سيد علي رضا عابدي چيو ته ڀارت ۽ افغانستان جي سرحدن جي مئنجمينٽ جي حوالي سان هوم ورڪ واضح ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هي تاثر صحيح نه آهي ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ناڪامي جو شڪار آهي بدقسمتي سان افغانستان سان ڪڏهن به لاڳاپا سٺا نه رهيا اسان کي افغانستان تي حملو يا اندر وڃي فوجي ڪارروايون نٿا ڪري سگهون صرف بارڊر بند ڪري پنهنجو تحفظ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته سرتاج عزيز بطور پرڏيهي صلاحڪار سٺي انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هو پنهنجي معاملن کي بهتر انداز ۾ هلائي رهيو آهي اسان صلاحڪار رکون يا پرڏيهي وزير اها اسان جي حڪومت جي پاليسي آهي هن اسيمبلي ميمبرن کي چيو ته جيڪڏهن ايوان سمجهي ٿو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ناڪامي جو شڪار آهي ته اسان کي تجويزون ڏنيون وڃن اسان انهن جو جائزو وٺي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪنداسين امڪان آهي ته افغانستان سان لاڳاپا معمول تي اچي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *