افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي افغانستان لاءِ پاليسي واضح آهي، هن چيو ته افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اندر ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا مقرر آهن، هن چيو ته دهشتگردي خلاف پورو حڪومتي نظام جامع ۽ فعال انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، چين واضح ڪيو برڪس پڌرائي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي موقف مطابق آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان به برڪس ڪانفرنس ۾ بيان ڪيل دهشتگرد ۽ انتهاپسند تنظيمن جي خلاف آهي، پاڪستان سميت پوري خطي جي امن لاءِ هر سطح تي ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *