افغانستان جو امن پاڪستان لاءِ اهميت رکي ٿو، آمريڪي امداد جي ضرورت ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي ڇيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان آمريڪا کان ڪنهن به قسم جو امداد نٿا چاهيون، اسان جي ڪوششن تي اعتماد ڪندي انهن جو اعتراف ڪيو وڃي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران پنهنجي قومي مفاد ۽ قومي پاليسي موجب افغان مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل اربع تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي ۽ نئين آمريڪي پاليسي بابت بريفنگ ڏني، آمريڪي سفير چيو ته سندس ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اهميت ڏئي ٿو، پاڪ فوج جي سربراهه ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان لاءِ افغانستان ۾ امن ايترو ئي اهم آهي جيترو ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ، هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر پنهنجي قوم مفاد ۽ قومي پاليسي تحت ڪوششون جاري رکنداسين، هن چيو ته اسان آمريڪا سان ڪنهن مادي يا مالي مدد جا خواهشمند نه آهيون پر اسان چاهيون ٿا ته اسان جي ڪوششن تي اعتماد ڪندي انهن جو اعتراف ڪيو وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي عرصي کان جاري جنگ کي آخري انجام تائين پهچائڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي وچ ۾ تعاون ۽ ڪوششون ضروري آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *