افغانستان بارڊر کان پوءِ ايران بارڊر تي به فيسنگ لڳائي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو اهي ته افغانستان بارڊر کان پوءِ ايران بارڊر تي به فينسنگ لڳائي ويندي افغانستان بارڊر تي هن وقت تائين 88، ايران بارڊر تي 44 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي هلندڙ سال جي آخر تائين افغانستان ۽ ايران بارڊر تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو جمعي تي وزيرستان جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وڊيو بيان ۾ چيو ته ڪجهه عرصي کان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن گذريل رات به اسلام آباد جي ٻن اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو اسان جي دور ۾ پوليس شهيدن جو انگ 9 ٿي چڪو آهي هن چيو ته ٻن ڏينهن جي دوري تي اتر ۽ ڏکڻ وزيراستان وڃي رهيو آهي وزيرستان ۾ بارڊر مئنجمينٽ جو جائزو وٺندس گهرو وزير چيو ته افغانستان بارڊر کان پوءِ ايران بارڊر تي به فينسنگ لڳائي ويندي هن چيو ته عمران خان جو ويزن آهي ته بارڊرز تي اليڪٽرانڪ داخلي ۽ خارجي سلپ هئڻ گهرجي هن چيو ته اسلام آباد ۾ 150 موٽر سائيڪلن تي ٻڌل ايگل اسڪواڊ کي فعال ڪيو ويندو ايگل اسڪواڊ سيف سٽي ڪئميرائن ۽ وائرلس سان لنڪ هوندو هن چيو ته چار جديد گاڏيون موجود آهن، بجيٽ ۾ 16 وڌيڪ جديد گڏيون منظور ڪرائي 20 گاڏيون ايگل اسڪواڊ ۾ شامل ڪيون وينديون اسلام آباد پوليس کي سيف زون بنائڻ لاءِ 8 کان 10 ڏينهن ۾ اهم قدم کڻي رهيا آهيون هن چيو ته اسلام آباد پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *