اعظم خان سخت محنت ڪرڻ لڳو، آسٽريليا ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو خواهشمند

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان بهتر ڪارڪردگي سان نه رڳو ٽيم ۾ واپسيءَ جو خواهشمند آهي پر آسٽريليا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏڻ چاهي ٿو.اعظم خان اڄڪلهه ڀرپور ٽريننگ ڪري رهيو آهي ۽ سندس هدف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ آهي.ان حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي اعظم خان چيو ته ورلڊ ڪپ وڏو ايونٽ هوندو آ، ان ۾ توهان کي هر صورت ۾ پنهنجي ٽيم لاءِ پرفارم ڪرڻو پوندو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي ته آسٽريليا ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏان، ان لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهيان، في الحال ان تي ڌيان آهي ته جتي به موقعو ملي بهتر کان بهتر پرفارم ڪيان.هن چيو ته گذريل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ به منهنجو شامل ٿي ويو هو، جنهن تي فخر محسوس ڪيان ٿو پر آخري ڏينهن ۾ بدقسمتي سان نالو نڪري ويو، همت نه هارائيندس، هڪ ڏينهن ڪامياب ٿيندس، منهنجو ڪم ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي، ڪوشش هوندي جتي به کيڏان پرفارم ڪيان ۽ سليڪٽرن جو ڌيان ڇڪايان، اميد آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ سليڪٽ ٿي ويندس ۽ چاهيندڙن کي مايوس نه ڪندس.سندس چوڻ هو ڪوشش هوندي آهي ته فٽنيس تي ڪم ڪيان، بهتر کان بهتر رانديگر بڻجان، وزن گهڻو وڌي ويو هو، هاڻ ڪوچ جي نگراني ۾ ٽريننگ شروع ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *