اعصام الحق قريشي کي ايسٽورل اوپن مينز ڊبلز جي سيمي فائنل ۾ شڪست

ايسٽورل (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي ايسٽورل اوپن مينز ٽينس ٽورنامينٽ جي ڊبلز سيمي فائنل ۾ هارائي ويو، کيس ٽريٽ هوئي ۽ اسڪاٽ پلسڪائي هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، تفصيل موجب پرتگال جي شهر ايسٽورل ۾ جاري ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز ڊبلز سيمي فائنل ۾ فلپائن جي ٽريٽ هوائي ۽ آمريڪا جي اسڪاٽ پلسڪائي پاڪستان جي اعصام الحق ۽ سندس جوڙي دار جائزل مولر کي اسٽريٽيٽس ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائءِ ڪيو، سندن ڪاميابي جو اسڪور 6-7 ۽ 3-6 رهيو، ان کان اڳ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ هسپانوي جوڙي مارڪ لوپز ۽ ڊيوڊ مريرو پولينڊ جي فريسٽنبرگ ۽ بيلاروس جي ميڪس کي 4-6 ۽ 3-6 تان هارائي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *