اعصابي طور تي ڪمزور اپوزيشن ليڊر جي عهدي جو اهل ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پاران اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ڪراچي پيڪيج جو واعدو ڪيو ان جو ڇا ٿيو؟ بجاءِ ڪراچي کي پيڪيج ڏيڻ کان نيازي صاحب ڪراچي جي اسپتالون کسي ورتيون آهن، ڪراچي جون اسپتالون کسڻ عمران خان جي ڪراچي دشمني جو واضح ثبوت آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڪراچي دوست هجي ها ته شهر قائد کان پي آءِ اي هيڊ آفيس اسلام آباد نه کڻي وڃي ها. هن چيو ته ڪراچي کي پي ٽي آٰءِ پاران 10 مهينن ۾ جيڪو نقصان ڏنو اهڙو شهر قائد ڪڏهن نقصان نه پهتو آهي، عمران خان ڪراچي وارن سان شوڪت خانم فنڊ وٺڻ ته آيو پر ڪراچي کي اڄ تائين ڇا ڏنو اٿس؟ بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل تفصيلات سان ڪرپشن ڳولهڻ فردوس شميم جو دلچسپ ڪارنامو آهي. هن چيو ته فردوس شميم نقوي ٻڌائي ڇڏيو ته هن کان عمران خان تائين ناراض آهن، فردوس شميم نقوي جي زبان ۽ ڪارڪردگي اهڙي خراب آهي جو هن جي محلي وارا به هن کان پريشان هوندا. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اعصابي طور تي ڪمزور فردوس شميم نقوي اپوزيشن ليڊر جي عهدي جو اهل نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن اسڪيم پئسو خرچ نه ٿيو آهي ته ان ۾ ڪرپشن ڪٿان آئي؟ فردوس شميم نقوي ڳالهائڻ کان اڳ ڪنهن سٺي صلاحڪار کان مشورو ڪري، جيڪڏهن هن وٽ سٺا صلاحڪار نه آهن ته پيپلز پارٽي جو ڪو به ادنيٰ ڪارڪن هي فرض نڀائي سگهندو، ڇو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي جمهوريت جمهوري ادارن بابت سٺي ڄاڻ  آهي جڏهن ته فردوس صاحب جي جماعت ۾ ان شيءِ جي کوٽ آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فردوس شميم نقوي پنهنجي مشڪرن واري حرڪتن سبب هڪ لطيفو بڻجي چڪو آهي، جنهن تي ٻيا ته کلندا ئي آهن پر هن جي پنهنجي جماعت جا ماڻهو پڻ هن جو مزاق بڻائيندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *