اعتزاز احسن اين اي 124 تي ڌانڌلي خلاف اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اعتزازاحسن عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 124 ۾ ٿيل ڌانڌلي جي خلاف وائيٽ پيپر جاري ڪندي چيو آهي ته شفاف جاچ لاءِ جلد جڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي عوام جو مينڊيٽ چورائيندڙن ۾ آرٽيڪل 6 لڳي سگهي ٿو اليڪشن ڪميشن سيڪشن 45 جي تحت چونڊ مواد جو معائنو ڪرائي اين اي 124 جي ٿيلن مان شير نه 20 ٻليون نڪتيون آهن جن جا پڇ پاڻ ۾ ٻڌل هئا اسان حڪومت کي عدم استعمال جو شڪار نٿا ڪرڻ چاهيون جڏهن ته وزيراعطم نوازشريف پاڻ ئي پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي هڻڻ جو ماهر آهي ۽ ان جي خلاف ڪنهن ڌماڌم مست ڪرڻ جي  ضرورت نه آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قمرزمان ڪائره بشره اعتزاز ۽ چوڌري منظوري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو اعتزاز احسن چيو ته اليڪشن ڪميشن آفيسرن فرضي نتيجا ٺاهيا جڏهن ته ڪائونٽر فائل بابت آفيسر اجيب ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته پنجن بيگن ۾ فارم نڪرڻ غلطي آهي پر 33 بيگن مان فارم نڪرڻ غلطي نه آهي پنجاب حڪومت جي تحويل ۾ ايندڙ ٿيلن جون سيلون ٽٽن هيون جيڪو ڌانڌلي جو چٽو ثبوت آهي اين اي 124 ۾ ڌانڌلي جي ثبوتن تي ٻڌل ڪتاب عمران خان وٽ پهچي چڪو آهي وزيراعظم وزيراعليٰ پنجاب ۽ وفاقي وزير اطلاعات تائين به هي پهچندو. جيڪڏهن انهن شخصيتن مان ڪوئي مون سان انهن ثبوتن تي مناظرو ڪرڻ گهري ٿو ته مان ڪنهن به وقت ڪنهن به هنڌ ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته هن ڪتاب ۾ ڏنل 227 سرٽيفڪيٽ ۾ ڌانڌلي جي تصديق صوبائي اليڪشن ڪميشن پنهنجي صحيحن سان پاڻ ڪري چڪو آهي ۽ انهن مان صرف 12 سرٽيفڪيٽس ۾ مبينه ڪامياب اميدوار شيخ روحيل اصغر جي وڪيل خالد اسحاق اعتراض ڪيو آهي. ڪيل 215 جي هو به تصديق ڪن ٿا اسان جي جاچ مطابق 264 پولنگ اسٽيشنن جي ٿيلن جي معائني ۾ هي ڳالهه آڏو آئي آهي ته 145 ٿيلن جون سيلون ٽٽن هيون ۽ 107 شروع کان ئي نه لڳايون ويون هيون باقي رهيل 119 ٺپو لڳل ٿيلن ۾ 82 جو رڪارڊ تلف ڪيو ويو آهي 38 اهڙا ٿيلا هئا جن تي شروع کان ٺپو نظر نه آيو پولنگ اسٽيشن 84 ۽ 221 جي ٿيلن ۾ فالتو پيپر مليا جڏهن ته 10 پولنگ اسٽيشن جي ٿيلن ۾ مليل ڪاغذن جو اليڪشن سان ڪوئي تعلق نه هو جنهن جي تصديق شيخ روحيل اصغر جي وڪيل پاڻ ڪئي 53 ٿيلن ۾ فارم 14 طلب ڪيو ويو 82 ٺپو لڳل ٿيلن ماڻ 57 فارم 15 ۽ 34 ڪائونٽر فائيل مفقود هو رٽرننگ آفيسر پاران ايڏو وڏو ۽ سنگين عمل ڪنهن مقتدر شخص جي حڪم تي ئي ٿي سگهي ٿو ۽ هي لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر کان پڇا ڳاڇا کان پوءِ ئي واضح ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *