اعتراض واريندڙ سپريم جوڊيشل ڪائونسل وڃن، ميمبر مدو پورو ڪندا: سردار رضا

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن، ميمبرن جي استعيفائن وارو پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جو چوڻ آهي ته ميمبر پنهنجو مدو پورو ڪندا، اعتراض واريندڙ سپريم جوڊيشل ڪائونسل وڃن. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت 13 سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان، تاج حيدر، پي ٽي آءِ جي سيف الله نيازي، اي اين پي جي بشريٰ گوهر، افراسياب خٽڪ ۽ سينيٽر زاهد خان اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جا ميمبر شريڪ نه ٿيا. اجلاس دوران ڳالهائيندي پ پ اڳواڻن شيري رحمان ۽ تاج حيدر هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن تي خدشن جو اظهار ڪيو. شيري رحمان ۽ تاج حيدر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي هاڻوڪن ميمبرن جي موجودگي ۾ شفاف چونڊون ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اجلاس دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا ميمبرن جـِي استعيفائن وارو مطالبو رد ڪندي واضح ڪيو ته ميمبر پنهنجو مدو پورو ڪندا کانئن استعيفائون نه ورتيون وينديون. سردار محمد رضا چيو ته اليڪشن ڪميشن جي هاڻوڪن ميمبرن تي اعتراض واريندڙ سپريم جوڊيشل ڪائونسل وڃن. مڪاني چونڊن بابت ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سنڌ، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سردار محمد رضا چيو ته اسلام آباد ۽ رهيل ٻن صوبن ۾ به ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جيان شفاف چونڊون ڪرايون وينديون. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اي سي پي سنڌ، پنجاب توڙي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ 4 هدف رکيا آهن. سردار محمد رضا چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ پنهنجي حساب سان ڪوششون ڪري رهي آهي پر سياسي جماعتن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *