اظهر محمود فاسٽ بالر محمد عامر کان نئين بال سان گڏ”ڊومور“ جو مطالبو

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود فاسٽ بالر محمد عامر کان نئين بال سان گڏ”ڊومور“ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ اظهر محمود لاڳيتو عامر جي خراب ڪاڪردگي ۽ فٽنس مسئلن تي پنجن ورهين تائين ڪرڪيٽ کان پاسيرو رهڻ ۽ ڊراپ ڪيچن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فڪسنگ اسڪينڊل ۾ جيل جي هوا کائيندڙ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر کي ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندي ٽه ورهيه مڪمل ٿيڻ وارا آهن. ان حوالي سان بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته آئيرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري دوران عامر ڪجهه فٽنس مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو پر اسان جي فزيو جي ڪوشش سان هو ڪافي بهتر ٿي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو ٽه ٽيسٽ ميچون کيڏڻ ڪامياب ٿيو، پر ان باوجود کيس لاڳيتو پنهنجي فٽنس بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي هو پنجن ورهين جي غير حاضري بعد عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، اسان سڀ عامر جي فٽنس بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اظهر محمود چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته فاسٽ بالر تمام گهڻو باصلاحيت آهي، پر کيس نئين بال سان ڪجهه وڌيڪ اسٽرائيڪ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان سندس بالنگ تي ڪجهه ڪيچ ڊراپ ٿيا، اسان جي ڪوشش آهي ته هو اننگز جي شروعات ۾ ٽيم لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي، جيڪڏهن نئين بال سان مستقبل مزاجي سان اسٽرائيڪ ڪندو رهيو ته ٻين بالرن تان دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ هو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا. اظهر محمود چيو ته عامر جي ٻانهن ۾ ڪجهه مسئلا آهن جنهن تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته هن هڪ مهيني جي وقفي دوران هو مختلف ۽ وڌيڪ فائدو ڏيندڙ بالر طور سامهون ايندو. بالنگ ڪوچ محمد حفيظ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪير به سندس صلاحيتن تي آڱر نٿو کڻي سگهي، ٽيم مينجمنٽ سمجهي ٿي ته اسان کي نوجوان رانديگرن سان گڏ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، انڪري اسان حفيظ کي امام الحق جي بيڪ اپ ۾ اوپننگ بيٽسمين طور کڻي رهيا آهيون، نوجوان اوپنر 9 ون ڊي ميچن ۾ 4 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي، ايتري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بيٽسمين کي ڊراپ نٿو ڪري سگهجي، ان سان گڏ ٽيم مينجمنٽ اهو پڻ ڏسڻ چاهي ٿي ته عالمي ڪپ کان اڳ ڪٿي موجود آهي، محمد حفيظ زمبابوي ۾ ون ڊي نه کيڏائڻ جو ٻيو ڪو به سبب ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *