اشرف غني نئين افغان صدر طور حلف کڻي ورتو، حامد ڪرزئي جو 13 سالن جو دور پڄاڻي تي پهتو

ڪابل (م.ڊ) اشرف غني افغانستان جي صدر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو، سومر ڏينهن ڪابل جي صدارتي محل ۾ هڪ تقريب ۾ اشرف غني حلف کڻڻ بعد باضابطه طور افغانستان جو صدر بڻجي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حامد ڪرزئي جي 13 سال دور حڪومت جو پڻ خاتمو اچي ويو آهي، حامد ڪرزئي 2001ع ۾ طالبان جي دور  کان پوءِ افغان صدر جو عهدو سنڀاليو هو،  جنگ سبب تباهه حال افغانستان ۾ پهريون ڀيرو جمهوري انداز ۾ اقتدار جي منتقلي ٿي آهي،  عبدالله عبداللهکان اشرف غني حلف ورتو، حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي صدر ممنون حسين سميت پرڏيهي اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر اوباما جي قونصلر جان بوڊاسٽا جي قيادت ۾ 10 رڪني وفد حلف برداري تقريب ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *