اسڪولن لاءِ مخصوص 4ار ارب رپين جي بجيٽ مان 2 ارب جاري ٿي چڪا آهن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته اسڪولن لاءِ مخصوص چار ارب رپين جي بجيٽ مان 2 ارب رپيا جاري ٿي چڪا آهن هن بجيٽ مان اسڪولن کي اسٽيشنري، راندين جو سامان، لائبريز لاءِ ڪتاب ۽ ليبارٽريز لاءِ اوازار ۽ ٻيو سامان مهيا ڪيو ويندو. سامان جي خريداري لاءِ  ٽينڊرز به جاري ڪيا ويا آهن. هو سومر تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر حير اسماعيل سوهو جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. نثار کهڙو چيو ته 4 ارب رپين مان 3.2 رپين پرائمري اسڪولن ۽ 0.8   رپيا سيڪنڊري اسڪولن لاءِ رکيا آهن هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا سامان خريد ڪندي هي سامان ان کانپوءِ اسڪولن ۾ ورهايو ويندو. 37 هزار اسڪولن مان23096 اسڪولن جي ريڪوزيشن به اسان کي ملي چڪي آهي. ٻئي طرف سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ آل پاڪستان في البديعه گولڊ ميڊل تقريري مقابلي جو شاندار احتمام ڪيو ويو جنهن جي صدارت نثار احمد کهڙو ڪئي فائينل ۾ 10 شاگردن في البديعه تقريرون ڪيون جن مقرر وقت ۾ قرعه اندازي ذريعي چونڊيل عنوان تي روشني وڌي تعليم جي صوبائي وزير خطاب ڪندي چيو ته سر سيد گرلز ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ قانوني سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ صوبائي وزارت قانون سان گڏجي ضروري قانونسازي ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته سر سيد ڪاليج جنهن تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي اهو وقت پري نه آهي جڏهن جلد ئي پاڪستان جي هڪ ممتاز في ميل يونيورسٽي بڻجي ويندي نثار کهڙو چيو ته ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگردن جو تعاون ضروري آهي تنهنڪري جڏهن اهي ڪاپي ڪندا آهن ته هو خود به شاگرد جو حق ڦٻائيندا آهن ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر ناصر انصار ان موقعي تي چيو ته سر سيد گرلز ڪاليج ۾ جلد پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسز جاري ٿيڻ وارا آهن جن لاءِ ايس اين اي به منظور ٿي چڪي آهي هن مقابلي جي اهتمام کي ساراهيو ۽ ڪاليج کي هڪ ماڊل ڪاليج قرار ڏنو آر ڊي ڪاليجز پروفيسر انعام احمد چيو ته تقريري مقابلن جو اهتمام هڪ ڪابل تحسين عمل آهي سمورن مقررن پنهنجي عنوان کي بهتر انداز ۾ پيش ڪيو تقريب جي آخر ۾ تعليم جي صوبائي وزير مقابلي ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ سوئڊش انسٽيٽيوٽ جي مقرر ثعبان بيد کي گولڊ ميڊل پارايو ۽ منصفين ۾ سونيئر ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *