اسڪواڊرن ليڊر حسن ڀارتي جنگي جهازن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جهازن کي ڪيرائيندڙ پاڪ فضائيا جي هيرو جون تصويرون منظر تي اچي ويون آهن، اسڪواڊرن ليڊر حسن ڀارتي جنگي جهازن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو. اڄ صبح ڀارتي جهازن پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پاڪ فضائيا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ڀرپور جواب ڏيندي ٻن ڀارتي جهازن کي ڪيرائي وڌو، جڏهن ته ٻن پائلٽن کي گرفتار ڪيو ويو. ڀارتي جهازن کي ڪيرائيندڙ پاڪستان جي جوان پائلٽ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون آهن. پاڪ فضائيا جي هيرو اسڪواڊرن ليڊر حسن ڀارتي جنگي جهازن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو. سوشل ميڊيا واهپيدار پاڪستاني هيرو کي خراج پيش ڪري رهيا آهن.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *