اسپيڪر پاران شهريار مهر تي پابندي لاڳو، اپوزيشن جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ آئين جون ڪاپيون ڦاڙڻ واريَ معاملي تان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته ايوان شهريار مهر خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءَ تي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ اسپيڪر آغا سراج ۽ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر وچ ۾ آئين جون ڪاپيون ڦاڙڻ واريَ معاملي تان سخت جملن جي ڏي  وٺ ٿي. ان موقعي تي اپوزيشن جي احتجاج واري معاملي تي ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۽ پيپلز پارٽي ميمبرن ۾ جملي بازي پڻ ٿي. آغا سراج دراني چيو ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ آئين جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، جيڪو شرمناڪ عمل آهي، کيس سڄي دنيا مان فون آيا ته تاريخي ايوان ۾ شرمناڪ واقعو ٿيو آهي. اسپيڪر چيو ته اسيمبلي جا قاعده هـُن نه پر ايوان ٺاهيا آهن، آئين جون ڪاپيون ڦاڙڻ گناهه آهي اپوزيشن معافي وٺي. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر شهريار مهر معافي وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته معافي اهي وٺن جيڪي آئين تي عمل نه ٿا ڪن. اپوزيشن ليڊر الزام ته ايوان کي قاعدن ۽ ضابطن موجب نه ٿو هلايو وڃي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته هــُو رولز تي عمل نه ٿا ڪن سندن خلاف بي اعتمادي وار رٿ آندي وڃي. پيپلز پارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شوري اپوزيشن ليڊر شهريار مهر خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو. ڊاڪٽر سڪندر شوري چيو ته اسيمبلي جو رولرز آف پروسيجر ڦاڙڻ جمهوريت تي عدم اعتماد آهي، اپوزيشن ليڊر پنهنجي حرڪت تي معافي وٺي. هن چيو ته اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي شهريار مهر تي پابندي لڳائي جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج پڻ ڪيو. اجلاس دوران صوبائي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر شهريار مهر وچ ۾ پڻ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن بعد ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو. شهريار مهر جي احتجاج تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اپوزيشن ليڊر کي پٽ چئي ڇڏيو، جنهن تي شهريار مهر جواب ڏنو ته جــِي، امي جي ٺيڪ آهي. ڊپٽي اسپيڪر اجلاس ٻئي ڏينهن به دلچسپ جملن جو استعمال ڪيو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ميمبر اهڙي ريت بحث ۾ منجهي پون ته هنن ۽ ميڊيا جي هڪ ڪلاڪ واري پروگرام ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو؟ شهر رضا چيو ته ميڊيا کي گذريل ڏينهن نظر نه آيو ته هتي قانون سازي ٿي رهي آهي، ميڊيا رڳو گوڙ ڏيکاريو، ميڊيا وارا سٺن ماڻهن کي ڪوريج لاءِ موڪلين. ايوان ۾ اقليتن جي عبادتگاهن لاءِ فنڊ رکڻ وارو ٺهراءُ ايم ڪيو ايم جي ديوان چند چاولا پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته اقليتن جي عبادتگاهن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن، اقليتن جي عبادتگاهن جي ايراضي تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اقليتي عباتگاهن جي حفاظت لاءِ پوليس ۾ اقليتي ماڻهن جي ڀرتي جو انگ وڌائڻ لاءِ نندڪمار قرارداد پيش ڪئي جيڪا پڻ ايوان منظور ڪري ورتي. نندڪمار جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي هدايت موجب 2 هزار بدران پنج هزار اقليتي ماڻهو پوليس ۾ ڀرتي ڪيا وڃن. ڊگهين عمارتن جي هر فلور تي هنگامي رستا ٺاهڻ وارو ٺهراءُ پ پ جي نصرت سلطانا پيش ڪيو. نصرت سلطانا چيو ته نين عمارتن جي نقشا منظور ڪرڻ دوران هنگامي رستن جي پابندي ڪرائي وڃي، ايوان اها قرارداد به منظور ڪري ورتي. سوالن جوابن جي وقفي دوران اسيمبلي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جي غير موجودگي تي هير سوهو احتجاج ڪيو. هير سوهو چيو ته تعليم کاتي جو سيڪريٽري گيلري ۾ موجود ناهن جنهن تي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته تعليم کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ايوان ۾ موجود آهن. نثار کهڙي چيو ته پير مظهر الحق جي دور ۾ ڀرتي ڪيل 13 هزار استاد تعليم کاتي جو حصو ناهن، اهي آساميون خالي سمجهيون وڃن، 18 ضلعن ۾ اين ٽي ايس ٽيچرز کي پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اپوزيشن ميمبر نصرت سحر عباسي مطالبو ڪيو ته جن آفيسرن غير ضروري ڀرتيون ڪيون حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ نيون ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ٿينديون، هن وقت تائين اين ٽي ايس ذريعي جيترا به استاد ڀرتي ٿيا انهن کي پگهارون جاري ڪيون ويون. تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته صوبي ۾ ليڪچررس جي کوٽ جلد پوري ڪئي ويندي ۽ ميرٽ تي ليڪچرر ڀرتي ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *