اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع، پي ٽِي آئي کانسواءِ سڀ پارٽيون مونکي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن: اياز صادق

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي ايم اين اي اياز صادق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، سندس دعويٰ آهي ته تحريڪ انصاف کانسواءِ سڀئي پارٽيون کيس ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، اياز صادق پنهنجي ساٿين سان گڏجي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پهتو،جتي هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته پيپلز پارٽِي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، جي يو آئي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، عوامي نيشنل پارٽي جي غلام احمد بلور، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ٻين پارٽي کيس ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ (ق) جي پرويز الاهي ۽ مسلم ليگ (ضياءَ) جي اعجاز الحق به کيس ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي آفتاب احمد شيرپائو۽ پرويز مشرف جي آل پاڪستان مسلم ليگ جي ميمبر افتخار الدين سان به ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته فاٽا جي آزاد گروپ جي حمايت وٺڻ لاءِ اڄ ڳالهيون ٿينديون. ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت بابت اياز صادق جو چوڻ هوته جماعت اسلامي به کيس ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان لياقت بلوچ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جماعت جي پارلياماني ليڊر صاحبزادا طارق الله سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. تحريڪ انصاف جي حوالي سان هن چيو ته خورشِيد شاهه ۽ پرويز الاهي پي ٽي آئي سان رابطو ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مان اسپيڪر چونڊجي ويس ته پهرين کان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس،قاعدن ۽ ضابطن مطابق مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اياز صادق چيو ته عمران خان کي مات ڏئي هيٽ ٽرڪ مون ڪئي،2012ع ۽ 2013ع ۾ عمران خان کانپوءِ هاڻ وري ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آئي جي عليم ڊار کي مات اصل ۾ عمران خان جي هار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *