اسپيڪر اياز صادق اسلامي ملڪن جي پارلياماني يونين جو وائيس چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي گڏيل راءِ سان اسلامي ملڪن جي پارلياماني يونين جي 11 هين جنرل اسيمبلي جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو آهي. بغداد مان مليل اطلاع مطابق سندس اها چونڊ عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ رٿيل اسلامي ملڪن جي پارلياماني يونين جي 11 هين جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۾ ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح عراق جي صدر فائود مسومند ۽ وزيراعظم حيدر جواد خادم العابدي گڏيل طور تي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو وائيس چيئرمين شپ جي نالو پيش ڪندي ايران جي اسپيڪر ڊاڪٽر علي لاريجاني پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن ۽ مسلم دنيا ۾ اتحاد ۽ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستاني قيادت جي ڪردار کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، وائيس چيئرمين شپ جي لاءِ سردار اياز صادق جي نالي جي 32 ملڪن مان آيل اسپيڪرن ۽ وفدن جي سربراهن متفقه طور تي تائيد ڪئي. ڪانفرنس دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بغداد ۾ ايران، ڪويت ۽ صوماليا جي پارليامينٽ جي پنهنجي هم منصبن سميت مصر، ڪرد جي آزاد خطي، فلسطين ۽ افغانستان جي پارلياماني وفدن سان ملاقاتون ڪيون. ڪويت جي اسپيڪر مرزوق الغانم سان ملاقات دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سڄي مسلم دنيا ۾ اتحاد ۽ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ۽ ڪويت جي اسپيڪر سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمت جي لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو، ايران جي اسپيڪر علي لاريجاني به اسپيڪر سردار اياز صادق سان پنهنجي ملاقات ۾ پاڪستان جي مفاهمتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مسلم ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، سردار اياز صادق ايران جي اسپيڪر کي ايران تي لڳل پابندين جي خاتمي تي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته پابندين جي خاتمي سان خطي ۾ ترقي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، صوماليا جي پنهنجي هم منصب محمد شيخ عثمان جواهري سان ملاقات ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق صوماليا جي پارليامينٽ جي لاءِ پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ٽريننگ ۽ ليجسليٽيو ڊرافٽنگ جي شعبن ۾ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو، صوماليا جي اسپيڪر پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪيل قانونسازي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي صوماليا جي پارليامينٽ جي استحڪام جي لاءِ تعاون جي آڇ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *