
واشنگٽن (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر سان ملاقات تي پاڪستان جي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي صدر جي پاڪستان جي دوري جي سلسلي ۾ جلد معاملا طئي ڪيا ويندا جنهن کان پوءِ تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو آمريڪا ۾ ڪشمير جي مسئلي جي حل جي خواهش جو ايترو واضح اظهار اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو خطي ۾ امن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ ڪشمير جو مسئلو آهي مسئلو ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻو پوندو ٻه ايٽمي طاقتون ٽڪراءُ جو خطرو نٿيون کڻي سگهن. ڊولنڊ ٽرمپ اسلام آباد سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي دوري جي دعوت به قبول ڪئي آهي. آمريڪا کي مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي آمريڪا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايڊ نه پر ٽريڊ چاهيون ٿا ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌائڻ جا امڪان موجود آهن اسان اقتصادي سفارتڪاري پاسي ڌيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اڳوڻي فاٽا ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڪجهه اميدوارن پي ٽي آءِ کان ٽڪيٽون گهريون هيون اميد آهي ته تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندا آمريڪي صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقات جي حوالي سان واشنگٽن ۾ ميڊيا تي پريس بريفنگ ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو اوول آفيس ۾ 40 منٽ ڌار ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته پاڪستاني ۽ آمريڪي عملدارن وچ ۾ نشستن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو هو جنهن ۾ پهرين نشست ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي ون ٽو ون ملاقات تي ٻڌل هئي هن چيو ته ٻي نشست ۾ وزراعظم عمران خان سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت جنهن ۾ پرڏيهي وزير طور، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي انٽر سروسز انٽيليجنس فيض حميد موجود هو جڏهن ته آمريڪا پاران صدر ٽرمپ سان گڏ ڊائريڪٽري سي آءِ اي وقتي ڊپٽي سيڪريٽري ڊفينس موجود هو هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽين نشست ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن سان گڏ انهن جا وفد به موجود هئا ۽ ٽنهي نشتن ۾ کلي ڳالهه ٻولهه ٿي شاهه محمود قريشي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ، پاڪستان کي هڪ عظيم قوم ۽ وزيراعظم عمران خان کي هڪ عظيم ليڊر قرار ڏنو پرڏيهي وزير پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان پاڪستان جي هڪ نالي واري وزيراعظم سان ملاقات ڪري رهيو آهيان شاهه محمود قريشي پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي شروعات آهي جڏهن ته واشنگٽن کي واضح ڪري ڇڏيو ته اسلام آباد ان کان ايڊ نه پر ٽريڊ چاهي ٿو هن ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو پاڪستان سان ماضي کي پاسي تي رکي حال ۽ مستقبل لاءِ مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو جڏهن ته هن وسيع بنيادن تي پاڪستان سان پاٽنرشپ قائم ڪرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات دوران چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌائڻ جا امڪان موجود آهن ڇو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هن وقت واپار اڻپورو آهي پرڏيهي وزري چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ويئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته آرميڪي صدر سان نشست ۾ آمريڪي اعليٰ عملدارن سان پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻطرفي لاڳاپن جو ذڪر غور هيٺ آيو هن چيو ته پاڪستان جو پرڏيهي وزير نه هئڻ جي ڪري هڪ خال موجود هو ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي لابي ئي موجود نه هئي جنهن جي ڪري افغانستان جي صورتحال جو ذميوار پاڪستان کي ڄاڻايو ويو ۽ مخالفن کي تنقيد جو موقعو ملندو رهيو شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي جي عزم جو اظهار ڪيو امريڪا جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريسي جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کان اڳ ئي هي حڪمت عملي سامهون اچي ويئي هئي. پرڏيهي وزير آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽِ کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم سان پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي کي ڳنڍيل ڏٺو جيڪو بهترين پيغام آهي هن کان اڳ انهيءَ ڪمري ۾ وزيراعطم ايندا هئا پر ڪرسيون خالي هونديون هيون.