اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏيئي ته به بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪري سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنيال چيو آهي ته اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏي ته بي اعتمادي رٿ رد نٿو ڪري سگهي ڪوشش آهي ته ڪيس جو جلد فيصلو ڪريون سمورين سياسي پارٽِن جو احترام آهي هوا ۾ فيصلا نٿا ڏئي سگهون سومر تي بي اعتمادي رٿ تي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنيال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي بئنچ جي ٻين ججز ۾ جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل شامل آهن ٻڌڻي شروع ٿي ته پي ٽي آئي جو وڪيل بابر اعواڻ روسٽرم تي پهتو ۽ چيو ته عدالت ۾ ٻه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو هن چيو ته عدالت جو 21 مارچ جي حڪم طرف ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿهو 21 مارچ تي سپريم ڪورٽ بار جي درخواست تي ٻه رڪني بئنچ حڪم نامو جاري ڪيو هو گذريل ڏينهن پارٽي جون هدايتون نه ورتيون هيون چيف جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته اسان پهريان درخوست گذارن کي ٻڌڻ چاهيون ٿا جيڪڏهن اوهان ڪوئي بيان ڏيڻ چاهيو ٿا ته ڏئي ڇڏيو بابر اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جي 21 مارڪ 2022 جي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي هئي ته ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي اچڻ کان نه روڪيو ويندو چيف جسٽس چيو ته اسان مناسب فيصلو ڏينداسين ۽ سياسي بيان نه پر صرف اسپيڪر جي رولنگ جو جائزو وٺندسين بابر اعواڻ چيو ته اسان رولنگ سميت هڪ رٽ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ چيئرمين عمران خان جو پيغام آهي ته اسان اليڪشن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون چيف جسٽس تحريڪ انصاف جي وڪيل کي چيو ته اوهان سياسي ڳالهه ڪري رهيا آهيو اسان ڏسنداسين ته اسپيڪر جي رولنگ جي ڇا قانوني حيثيت آهي چيف جسٽس چيو ته اسان مناسب حڪم نامو جاري ڪنداسين ۽ قومي اسيمبلي جي ڪارروائيجو جائزو وٺنداسين ٻڌني دوران (ن) ليگ پ پ ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيوت ه عدالت تي بار نٿا بڻجڻ چاهيون تنهنڪري ٻيا وڪيل منهنجي معاونت ڪند ان موقعي تي فاروق ايچ نائڪ فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پيپلزپارٽِ سميت سموري سياسي پارٽين جي اپيل آهي ته فل ڪورٽ بئنچ جوڙيو وڇي ۽ اهڙو بئنچ ٺاهيو وڃي جنهن ۾ سمورا جج شامل هجن چيف جسٽس چيو ته اوهان بئنچ کي آئيني ۽ قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو اسان پوءِ جائزووٺنداسين فل ڪورڊ ٺاهڻ گهرجي يا نه چيف جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته جيڪڏهن اوهان کي پنج ججن تي اعتراض آهي ته اسان کي ٻڌايو ته اسان هليا وڃون ٿا جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ جواب ڏنو اسانک ي عدالت تي اعتماد آهي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان کي بئنچ ۾ ڪنهن تي عدم اعتماد آهي ته ٻڌايو وڃي ڪنهن جج تي عدم اعتماد ڪرڻ سان بئنچ اٿي ويندو اپوزيشن پارٽيجي وڪيل چيو ته مون کي بئنچ جي ڪنهن رڪن تي عدم اعتماد نه آهي پر عدم اعتماد جي رٿ تي ڪوئي اعتراض نٿو اٿاري سگهجي چيف جسٽس چيو ته فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ سان ٻينڪيسن جي ٻڌڻي ۾ خلل پوي ٿو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسپيڪر کي بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ جي 14 ڏينهن ۾ اجلاس سڏائڻو هو رٿ جمع ٿيڻ کان پوءِ 20 تاريخ تائين اسپيڪر اجلاس نه سڏائڻ جو ڪوئي سبب نه ٻڌايو فاروق نائڪ جي دليلن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان جو ڪيس ته اسپيڪر جي قدمن بابت آهي اوهان ٻڌايو ته اسپيڪر صحيح ڪيو يا غلط جسٽس منيب ريمارڪس ڏنا ته 100 اسيمبلي ميمبر آهن 25 چون ٿا رٿ پيش ڪئي وڃي 50 حق ۾ ناهن ته ڇا رٿ رد نه ٿي ويندي فاروق نائڪ چيو ته اڪثريت چوي ته رٿ پيش نه ٿئي ته نٿي ٿي سگهي اسپيڪر بدران هائوس رٿ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏي ٿو جسٽس منيب اختر چيو ته حڪومت اڪثريت ۾ آهي ۽ رٿ پيش ٿيڻ جي خلاف ووٽ ڏي ته ڪڏهن ڪائي تحريڪ پيش نه ٿي سگهندي ڇا اسپيڪر جو اختيار آهي جو هو رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏي اسپيڪر رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏي ته پوءِ ڇا ٿئي ٿو جسٽس اعجاز چيو ته جڏهن ليو گرانٽ نه ٿئي تيستائين عدم اعتماد جي رٿ نٿي ٿئي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ليو جو ڇا مطلب هوندو آهي اسپيڪر طرفان ليو گرانٽ ڪرڻ جو ڇا مطلب هوندو آهي جسٽس منيب اختر چيو ته اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ آهي ته اسپيڪر ٺهراءُ رد ڪري ڇڏي ٿو چيف جسٽس عمر عطا بنيال سوال ڪيو ته بي اعتمادي رٿ تي ڊائريڪٽ ووٽنگ جو ڏينهن ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو رولز ۾ ته ووٽنگ کان پهريان بحث ڪرائڻ ضروري هو رولز مطابق 3 ڏينهن بحث ٿيڻو هو بحث ڪرائڻ بنا ووٽنگ تي ڪيئن هليا ويا فاروق نائڪ چيو ته ووٽنگ کان پهريان بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو پر اسپيڪر اجازت نه ڏني بلاول ڀٽو اسپيڪر کي اٿي بيهي درخواست به ڪئي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته بحث ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ته پوءِ پروسيجرل ڊي فيڪٽ ٿيو فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ ڊپٽِ اسپيڪر جي رولنگ پڙهي ٻڌائي ڇڏي جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته اسپيڪر رولنگ ڪنهن رول تحت ڏني بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ جي رولنگ ڪنهنرول تحت ڏني ڇا ڊپٽي اسپيڪر رول 28 تحت اسپيڪر جو اختيار استعمال ڪندي رولنگ ڏئي سگهي ٿو فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسپيڪر جا رولز 28 تحت اسپيڪر ئي رولنگ ڏئي سگهي ٿو جسٽس منيب اختر چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪهڙي رول تحت ڏني وئي هرهڪ جي نظر ۾ ڊپٽي اسپيڪر اسپيڪر جو اهو اختيار استعمال ڪيو جيڪو ڊپٽي اسپيڪر جو اختيار نه هو ڇا ڊپٽِ اسپيڪر رول 28 تحت رولنگ ڏئي سگهيٿو يا صرف اسپيڪر جو اختيار آهي اسپيڪر جااختيار مختلف آهن ته پو3 سپريم ڪورٽ جي دائري جو سوال اٿندو جسٽس منيب اختر چيو ته رول 28 تحت رولنگ اسپيڪر پاڻ ڏئي سگهي ٿو ڪوئي ٻيو نه آئين تحت ڊپٽي اسپيڪر صرف اجلاس جي صدارت ڪري سگهي ٿو جسٽس اعجازالاحسن سوال ڪيو ته ڇا بي اعتمادي رٿ تي بحث ۾ اسپيڪر رٿ جي غيرقانوني هجڻ جي رولنگ ڏئي سگهي ٿو فاروق نائڪ چيو ته اسپيڪر وٽ ڪو اختيار نه آهي ته بي اعتمادي رٿ غيرقانوني قرار ڏي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ پروسيجرل خلاف ورزي آهي يا آئيني خلاف ورزي ان تي فاروق نائڪ چيو ته ڊپتي اسپيڪر جي رولنگ آئيني خلاف ورزي آهي خانگي ٽي وي مطابق چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪهڙي هنڌ تي اسپيڪر رٿ جي قانوني يا غيرقانوني هجڻ تي رولنگ ڏئي سگهي ٿو اسپيڪر وٽ ڇا ڪو اختيار نه آهي جو هو بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو به ڏي ته بي اعتمادي رٿ رد نٿو ڪري سگهي چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 69 ۾ اسپيڪر کي ڪيتري حد تائين آئيني تحفظ مليل آهي اوهان کان وڌيڪ اسان جلد فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا فاروق نائڪ چيو ته صدر عبوري حڪومت جي قيام تائين عمران خان کي وقتي وزيراعطم مقرر ڪيو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عبوري حڪومت جي قيام کان اڳ فيصلو ڪرڻو پوندو چيف جسٽس ججز سان صلاح مشورا ڪري ڪارروائي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ٻڌڻي 12 وڳي ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *