اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن تي سڄي ڄمار جي پابندي لڳائي وڃي: مصباح الحق

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) جاويد ميانداد، شاهد آفريدي ۽ محمد حفيظ کانپوءِ قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق به ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگر تي هميشه پابنديون لڳائڻ جو  مطالبو ڪيو آهي، نيشنلاسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي سي بي کي ميچ فڪسنگ جي معاملن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قانون ٺاهڻو پوندو ۽ پي سي بي کي ميچ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن تي هميشه پابندي لڳائڻ گهرجي، هن چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي سليڪشن سليڪٽر جو ڪم آهي ان معاملي تي ڪا به ڳالهه نه ڪندس، جڏهن ته جيڪا به ٽيم حتمي هوندي ان کي هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *