اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث سريلنڪن رانديگرن جو گهيرو تنگ،بالنگ ڪوچ معطل

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن اسپاٽ فڪسنگ مسئلي ۾ ملوث رانديگرن جو گهيرو تنگ ٿي ويو،بالنگ ڪوچ انوشا سمارانائيڪي کي بورڊ اختيارين حڪم ڏيندي کيس سڄي ڄار راند جي مڙني سرگرمين کان روڪيڇڏيو.جڏهن ته نيٽ بالنگ بڻجندڙ شڪي بُڪ ميڪر گيان وشواجيٿه تي به پابندي مڙهي ڇڏي،پوليس جي خاص يونٽ جاچ جاري رکي ڇڏي.ٻئي پاسي ٽيم مينيجر جيريل فريڊرڪ ۽ ڪپتان اينجليو ميٿيوز کي به بورڊ اختيارين صفائي پيش ڪرڻ لاءِ گهرائي ورتو.تفصيل مطابق اوپنر ڪوشل پريرا ڪجهه وقت پهرين بورڊ اختيارين کي خربدار ڪيو هو ته بڪ ميڪرپاران  کيس ۽ اوپنر رنگانا هيراٿ کي ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ خراب راند کيڏڻ لاءِ وڏي آڦر جي ڇ ڪئي  وئي آهي. جنهن کانپوءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پوليس جي فنانس ڪرائي ڊويزن پاران ڌار ڌار معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني  هئي. ايس ايل سي پاران شروعاتي جاچ جي روشني ۾ بالنگ ڪوچ انوشا سمارانائيڪي کي معطل ڪري ڇڏيو،سندس مٿان الزام آهن ته هُن هڪ شڪي “جُواري” گيان وشواجيٿ سان ويجها لاڳاپا آهن، جيڪيو نيٽ ورڪ  بالر جي حيثيت ۾ ٽيم کي ٽريننگ دوران جوائن ڪندو هو.ان سلسلي ۾ بورڊ جي نئين صدر ٿلنگا سماٿي پالا جو چوڻ آهي ته مان انهيءَ باري ۾ تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي ۽ ان جنهن کانپوءِ بالنگ ڪوچ ۽ هڪ نيٽ بالر کي معطل ڪيو ٿو وڃي،انهن ٻنهي کي جاچپوري ٿين تائين معطل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *