اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل اڳيان پيش، الزام مڃڻ کان انڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز)اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ معطل ڪرڪيٽر خالد لطيف ٽربيونل جي اڳيان پيش ٿيو جتي ان مٿان لڳايل الزام پڙهي ٻڌايا ويا گذريل ڏينهن خالد لطيف پنهنجي وڪيل سان جسٽس رٽائرڊ اصغر حيدر جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ٽربيونل جي اڳيان پيش ٿيو ان موقعي تي ٽربيونل جي ميمبرن اڳوڻي چيئرمين توقير ضياء ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم باري اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سربراهه سميت بورڊ جي ليگل ٽيم جا ميمبر به موجود هئا خالد لطيف تي پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جون 6 شقن جي خلاف ورزي جو الزام آهي ٻڌني دوران خالد لطيف اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان لڳايل الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ٽربيونل ڌرين جي صلاح مشوري سان طريقيڪار طئي ڪيو پي سي بي 14 اپريل تي ڪرڪيٽر جي خلاف لڳايل الزامن جي تفصيل ۽ شاهديون پيش ڪندو جنهن تي خالد لطيف کي 2 مئي تي جواب جمع ڪرائڻو پوندو. ڪيس جي حتمي ٻڌڻي 19 مئي کان روانو جي بنياد تي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *