اسپاٽ فڪسنگ: شرجيل خان پي سي بي ٽربيونل اڳيان پيش، خالد لطيف نه آيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽربيونل شروعاتي ٻڌڻي ڪئي، سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۾ معطل شرجيل خان پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن ته خالد لطيف صحت خراب هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، ٽربيونل جي چيئرمين اصغر حيدر شروعاتي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ميمبرن ۾ ليفٽيننٽ جنرل طوقير ضيا ۽ وسيم باري شامل هئا، جڏهن ته شرجيل خان پنهنجي وڪيل اعجاز سان گڏ پيش ٿيو، ان موقعي تي پي سي بي جي ليگل ايڊوائيز تفضيل رضوي حيدر علي خان ۽ ٻيا به موجود هئا. پي سي بي 14 اپريل تي ثبوت داخل ڪرائيندو، جڏهن ته شرجيل خان کي 5 مئي کي ان جو جواب ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو، جواب لاءِ ٻڌڻي 10 مئي مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 15 مئي کان روزانو ٻڌڻي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *