اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل: شاهه زيب حسن به معطل

لاهور (اين اين آءِ)  پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ پاڪستان سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪنسگ جي الزام ۾ اوپنر شاهزيب حسن کي به چارج شيٽ جاري ڪندي هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان معطل ڪري ڇڏيو آهي، پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان موجب شاهزيب حسن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پي سي بي هيڊڪوارٽر ۾ اينٽي ڪرپشن يونٽ سان ملاقات ڪئي جتي کيس چارج شيٽ ڏني وئي، جنهن جو جواب کيس 14 ڏينهن اندر ڏيڻو پوندو، چارج شيٽ ۾ الزام لاڳو ڪيو ويو آهي ته هو سٽي بازن بابت انتظاميا کي دير سان ڇو ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *