اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ لاءِ مهانگي بڪتر بند گاڏين جي خريداري جو ذميوار صوبائي گهرو سيڪريٽري کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي دفاعي پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ لاءِ مهانگي بڪتر بند گاڏين جي خريداري جو ذميوار صوبائي گهرو سيڪريٽري کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي ايف بي آر چيئرمين خلاف پڻ التويٰ واري رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ چيئرمين سهيل منصور جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي دفاعي پيدوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پڻ شرڪت  ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين جي نه اچڻ تي ڪميٽي پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس خلاف التويٰ واري رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ پاران سربيا جي ڪمپني کان مهانگي اگهه تي بڪتربند گاڏين جي خريداري تي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته 5 ڪروڙ رپين جي گاڏين جي 24 ڪروڙ رپين ۾ خريداري ڇو ڪئي وئي، جنهن تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته هن وقت معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، عدالت جو فيصلو اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.  ڪميٽي چيئرمين سهيل منصور چيو ته مهانگي اگهه تي گاڏين جي خريداري جو ذميوار گهرو سيڪريٽري آهي. دفاعي پيدوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته هو سربيا جي ڪمپني کان بهتر گاڏيون فراهم ڪري سگهن ٿيا پر خبر ناهي ڇو پرڏيهي ڪمپنين کان گاڏين جي خريداري ڪئي وئي. راڻا تنوير چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري کيس آگاهه ڪيون هو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ناهن ٿيون ۽ بڪتر بند گاڏين جي خريداري وارو معاملو توهان لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *