اسٽوڪس کي جهيڙو ڳچيءَ ۾ پهچي ويو، پوليس هٿان گرفتار، ٽيم مان به ٻاهر

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين آل رائونڊر بين اسٽوڪس کي گرائونڊ ٻاهران جهيڙي ۽ مارڪُٽ جي الزام ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ کيس انگلش اسڪواڊ مان پڻ ڊراپ ڪيو ويو آهي. ويسٽ انڊين ٽيم کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي انگلينڊ سيريز ۾ سرسي ته حاصل ڪئي پر ان ئي رات ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آل رائونڊر بين اسٽوڪس ساٿي رانديگر ايليڪس هيلز سان گڏ هڪ تڪرار ۾ ملوث ٿيو. رپورٽن موجب بين اسٽوڪس آچر ۽ سومر جي وچ واري رات برسٽل ۾ جهيڙو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 27 ورهين جي شخص کي چهري تي ڏاڍا ڌڪ لڳا ۽ کيس اسپتال وڃڻو پئجي ويو. اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس بين اسٽوڪس کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ پڇا ڳاڇا ڪري کيس آزاد ڪيو ويو پر پوليس اکين ڏٺن شاهدن جي ڳولا ۾ مصروف آهي ته جيئن ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. ان واقعي ۾ ايليڪس هيلز به اسٽوڪس سان گڏ هو، جنهن پڻ مارڪُٽ ۾ آل رائونڊر جو ساٿ ڏنو. اهڙي واقعي کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ حرڪت ۾ ايندي ٻنهي رانديگرن کي ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ون ڊي ميچ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *