اسٽريٽجڪ ڳالهين لاءِ پاڪستاني وفد واشنگٽن پهچي ويو، آمريڪا کي سيڪيورٽي خطرن بابت ٻڌائينداسين: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو) آمريڪا سان اڄ کان رٿيل اسٽريٽجڪ ڳالهين لاءِ پاڪستاني وفد واشنگٽن پهچي ويو آهي، وفد ۾ شامل وفاقي وزير احسن قبال جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نئين واڌ آئي آهي، اسان آمريڪا کي سيڪيورٽي خطرن بابت ٻڌائينداسين، پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز جي اڳواڻي ۾ واشنگٽن پهتل وفد ۾ احسان اقبال، عابد شير علي ۽ گهرو سيڪريٽري عارف خان شامل آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ڳالهين ۾ پنهنجي ملڪ جي وفد جي اڳواڻي ڪندو، احسن اقبال هڪ خانگي ٽي وي سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪ – آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين جو مقصد لاڳاپن کي وڌائڻ آهي، هن چيو ته ماضِي ۾ ٻنهي  ملڪن جا لاڳاپا رڳو سيڪيورٽي تائين محدود هئا پر هاڻ ڳالهين ۾ تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ معيشت جهڙا معاملا به شامل آهن. احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان آمريڪا کي پهرين به سيڪيورٽي خطرن بابت ٻڌائيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به ٻڌائينداسين، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته خطي ۾ امن اچي، جنهن لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *