اسيمبلي ۾ جمهوريت کي گهٽو ڏنو ويو، رينجرز کي پورا اختيار ڏنا وڃن: مخالف ڌر جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف پارٽين جي ميمبرن رينجرز جي اختيارن کي شرطن تي  ڪرڻ واري ٺهراءُ کي رد ڪندي ان کي نيشنل ايڪشن پلان جي ڀڃڪڙي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشس قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي خلاف سخت احتجاج ڪيو آهي. ذريعن مطابق سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ارباب غلام رحيم جو چوڻ آهي ته اسان چورن ۽ ڦورن  کي تحفظ ڏيڻ واري ڪنهن به ٺهراءُ کي نٿا مڃون،شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٺهراءُ آڻي مزاق اڏايو ويو آهي، ٺهراءُ جو مقصد رڳو پ پ جي ڪرپٽ قيادت،اڳواڻن ۽ ڊاڪٽر عاصم کي بچائڻ آهي.ايم ڪيوايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته اڄ ايوان ۾ هٺ ۽ هوڏ سان ٺهراءُ آندو ويو آهي،اڄ شهيدن جي ڏهاڙي تي ائين نه ٿيڻ گهرجي ها،اڄ جمهوريت کي گهٽو ڏنو ويو آهي،پيپلز پارٽي هميشا مخالف پارٽي کي ڪيرايو آهي.خواجا اظهار الحسن مطالبو ڪندي چيو ته رينجرز کي پورا اختيار ڏنا وڃن.ٺهراءُ جو چٽو مطلب آهي ته حڪومت کي ڪجهه نه چيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *