اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري غير قانوني آهي، حڪومت ڌمڪين کان ڪم نه وٺي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڌمڪين کان ڪم وٺي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هي ملڪ چئن برادرين تي ٻڌل آهي، هر برادريءَ کي برابري جا حق حال آهن. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري غير قانوني آهي، انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي گرفتاري کان اڳ اسپيڪر يا سينيٽ چيئرمين کان اجازت وٺڻي هوندي آهي. حڪومت سمورا ضباطا پوئتي رکندي ڌمڪين کان ڪم وٺي رهي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو رستو روڪڻ خطرناڪ راند آهي. حڪومت جي هن قدم سان وفاق کي وڏو نقصان پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *