اسماعيلي برادريءَ تي حملي ۾ “را” جي ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن: وڏو وزير

سکر (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سکر ڊويزن ۾ ڌاڙيل فيڪٽر سميت هر قسم جي ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته ڏوهاري ڀل ڪيڏا به پاور فُل ڇونه هُجن کين آخري انجام تائين پهچايو ويندو ۽ لينڊ مافيا، ڀتا خوري، منشيات، اغوائن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، عوام کي سُک ۽ امن ڀريو ساهه کڻڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن اهڙيون هدايتون ڪمشنر آفيس سکر ۾ سکر ڊويزن اندر امن امان جي صورتحال خاص طور تي ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ ڪمشنر، ڊي آءِ جي سکر، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن، ايس ايس پيز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گهوٽڪي جي ايس ايس پي ثاقب سلطان گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ پوليس آپريشن جي سلسلي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آپريشن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 10 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 4 ڌاڙيل ماريا ويا آهن، آپريشن ۾ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي پوليس حصو وٺي رهي آهي جڏهن ته بڪتربند گاڏين جي مدد پڻ ورتي پئي وڃي. ايس ايس پي وزيراعليٰ کان آپريشن ڪامياب بڻائڻ لاءِ هيليڪاپٽر ۽ جديد هٿيار فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس دوران هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ لاءِ پوليس کي هر سهڪار فراهم ڪيو ويندو، ڊي آءِ جي آپريشن لاءِ گهربل جديد هٿيارن ۽ ٻئي سامان جي لسٽ فراهم ڪري ته جيئن اُهي جلد مهيا ڪري سگهجن. هن چيو ته جيڪي هٿيار سنڌ وٽ موجود نه هوندا اُنهن بابت پاڪ آرمي ۽ وفاقي گهرو وزير سان به ڳالهايو ويندو. وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف آپريشن هر حال ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرجي، ان ڏس ۾ ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن جي وائيٽ ڪالر مددگارن ۽ ساٿين جون به لسٽون تيار ڪري اُنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته رينجرز سان گڏجي آپريشن واري علائقي جي سمورن گهٽن ۽ گهاڙن تي ناڪابندي ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته عوام کي امن جي فضا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ عوام کي مڪمل رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڏوهارين جو جيئڻ جنجال بڻايو وڃي، ان ڏس ۾ ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڏوهاري ڀل ڪيڏو به پاور فُل يا اثر رسوخ رکندڙ ڇونه هجي اُن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعليٰ سنڌ نيشنل هاءِ وي سميت ٻين رستن ۽ روڊن تي خوف واري فضا ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ چوڪسي سخت ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڊويزن اندر ٻيلي کاتي سميت ٻين سرڪاري زمينن تان قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن ۽ حد دخليون ختم ڪرائي روڊ رستا ڪشادا ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي ڀرپور رليف ملي سگهي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر ڪامران فضل سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ته وستي جيوڻ شاهه ۾ 40 ڏينهن کان آپريشن هلندڙ آهي، آپريشن جو علائقو 11 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، جتي 7 چيڪ پوسٽون قائم ڪيون آهن، آپريشن ۾ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي وئي آهي. اجلاس کان پوءِ ڪمشنر آفيس سکر۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچيءَ ۾ اسماعيلي برادريءَ تي حملي سڄي قوم کي ڏُک پهچايو آهي، ان حملي ۾ “را” جي ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن، جن تي جاچ هلي رهي آهي ۽ جلد اصل ڏوهارين تائين پهچي کين پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال بهتر آهي، تنهن هوندي به ڏوهارين خلاف ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو جمهوريت پسند آهن ۽ ڪنهن جي به خلاف ڪوڙو ڪيس داخل نه ٿا ڪرائي سگهون، تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي، تنقيد ڪندڙن کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. وڏي وزير سيد قائم علي شاه وڌيڪ چيو ته سنڌ کان وڌيڪ ته ٻين صوبن ۾ ڏوهه ٿي رهيا آهن جتان جان حڪمران اسان تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *