اسلام آباد ۾ 3 ڊپٽي ميئر مقرر ڪيا پيا وڃن، هاڻي ملڪ لاءِ وزير اعظم به 3 چونڊيا ويندا: مخالف ڌر

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي سخت احتجاج باوجود اسلام آباد جي مڪاني ادارن بابت ترميمي بل 2015ع منظور ڪري ورتو، مخالف ڌر ميمبرز جو چوڻ آهي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ 3 ڊپٽي ميئر مقرر ڪيا پيا وڃن، لڳي ٿو ته هاڻي ملڪ لاءِ وزير اعظم به 3 چونڊيا ويندا. قانون ۽ انصاف واري وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي ته نيب 2013 ۽ کان 15 تائين ڪرپشن جا 8 ڪيسز مان رقم واپس ڪرائي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. قانون ۽ انصاف وزاري وزارت نيب جي ڪارڪردگي بابت لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته قومي احتساب بيورو 2013 کان 15 تائين ڪرپشن جي 8 ڪيسز جي جاچ مڪمل ڪئي آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت چيو ته نيب اڍائي سالن دوارن مختلف ڪيسز ۾ ڪرپشن جا هڪ ارب 85 ڪروڙ واپس ڪرايا ويا آهن. پيٽروليم واري وفاقي وزير ايل اين جي معاهدي جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته ايران سان ايل اين جي گهرائڻ واري ڊيل واضح هئي. هن چيو ته حڪومت گئس بحران جي حل لاءِ ايران سان ڪيل معاهدي کي به سنجيدگي سان ورتو آهي، جنهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *