اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ 25 جولاءِ تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو شيڊول رد ڪندَي 3 آگسٽ تائين نئين تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن ملڪي راڄڌاني واري شهر ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪو به خاطر خواهه جواب نه ڏنو. حڪومت پاران واضح جواب نه ملڻ تي جسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي اڄ هڪ هڪاڻي ٿيندي. هـُن، حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇا اسلام آباد واسين کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق ناهي؟ جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته سڄي ملڪ جو عوام مقامي حڪومتي نظام مان فائدو حاصل ڪندو، اسلام آباد واسين کي ان حق کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هـُن چيو ته حڪومت ڀلي 25 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائي، پر گهٽ ۾ گهٽ ۾ ان حوالي سان واضح ڪارڻ ٻڌايو وڃي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته هو پارليامينٽ کان نٿا پڇي سگهن پر حڪومت کان پڇاڻو ڪرڻ جو حق رکن ٿا. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان حڪومتي موقف پيش ڪندَي چيو ته مڪاني چونڊن واري قانون ۾ ڪجهه غلطيون آهن، جيڪي 27 جولاءِ تي رٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس درست ڪيون وينديون، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته قانون ۾ غلطين جو جواب عدالت کي نه پر اسلام آباد جَي شهرين کي ڏنو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار ظفر علي شاهه موقف پيش ڪندَي چيو ته اسلام آباد ۾ ڪامورا بااثر آهن، جيڪي راڄڌاني واري شهر ۾ اليڪشن ٿيڻ نٿا ڏين. درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد جا ماڻهو اڇوت ناهن جو کين حق نه ملي سگهن. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته عدالت هڪ ڀيرو غلطي ڪري چڪي ٻيهر نه ڪندَي، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون هر حال ۾ ٿينديون. اهڙن ريمارڪس کانپوءِ اعليٰ عدالت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن وارو پراڻو شيڊول رد ڪندَي حڪومت کي نئين تاريخ جي اعلان لاءِ 3 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي