اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ پئٽرول بحران سنڌ پهچي ويو، اڪثر پيٽرول پمپ بند

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي (بيورو/اسٽاف رپورٽر/م.ڊ) پوري پنجاب ۾ پيٽرول بحران ۽ حڪومتي دعوائن جو ٻيون هفتو  شروع ٿي ويو پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ عوام کي پيٽرول ملڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 300 آئل ٽينڪر ڪراچي کان روانا ڪيا ويا آهن وزيراعظم نواز شريف جي نوٽيس باوجود حڪومت پيٽرول جي بحران تي قابو ناه يڪري سگهي راولپنڊي، لاهوري ۽ ملتان سميت پوري پنجاب ۾ پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پيٽرول پمپ بند پيل آهن ۽ جتي پيٽرول موجود آهي اتي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، ماڻهو ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪري پيٽرول وٺڻ تي مجبور آهن، پيٽرول بهران سبب لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي شاگرديانين جي درخواست تي اڄ ٿيندڙ پرچا ملتوي ڪيا  ويا آهن ملتوي ڪيل پرچا 24 جنوري تي ٿيندا، لاهور ۾ سي اين جي اسٽيشن کليل هجڻ سبب رستن تي ٿوري قدر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظر اچي رهي آهي پر راولپنڊي، فيصل آبدا، گوجرانوالا، ملتان، چنيوٽ، حافظ آباد  ۽ ٻين اهم شهرن ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي ڊگهيون خطارون عوام جي صبر جو امتحان وٺي رهيون آهن. مريض ۽ اسپتالن ۾ ويندڙ به مشڪلاتن جو شڪار آهن ڪراين ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون به چوٽ چڙهيل آهن مڇريل ماڻهو پاڻ ۽ پيٽرول پمپن جي عملي سان وڙهي رهيا آهن. پنجاب کان شروع ٿيل تيل بحران اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ سنڌ پهچي ويو، ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ پيٽرول پمپس بند، پيٽروليم ڊيلرز ايسئوسيئشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو پيٽرول پنجاب موڪليو پيو وڃي، فوري طور فراهمي شروع نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾  بحران سنگين ٿي ويندو. تيل بحران جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس مٿان اجلاس، ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن جا هڪٻئي مٿان الزام، اسحاق ڊار ناڻي وزارت کي ذميواري کان آجو قرار ڏيندي بحران کي حڪومت خلاف وڏي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو. پنجاب ۾ پيٽرول جي سنگين بحران عوامي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، 7 ڏينهن کان تيل جي کوٽ سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر، ريسڪيو 1122 جون ايمبولينسز ۽ فائر برگيڊس جون گاڏيون به بيهجي ويون، ملڪي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي جي گادي واري شهر پشاور ۾ به بحران برقرار آهي. پيٽرول بحران تي پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۽ ايم ڪيو ايم سينيٽ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، رٿن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم، ناڻي ۽ بجلي واريون وزارتون آهن، ذميوار ايوان ۾ اچي جواب ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *