اسلام آباد ٽريفڪ پوليس فرض ادا ڪرڻ سان گڏ عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائي رهي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس فرض ادا ڪرڻ سان گڏ عوام جي زندگي کي محفوظ بڻائي رهي آهي، پوليس دهشتگردن جو جرئت سان مقابلو ڪري قوم جو ڳاٽ اوچو

ڪري ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ جي پوليس جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ هي قربانيون ايندڙ نسل به ياد رکندو، عوام کي پوليس سان تعاون ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪونسل آف دي آرٽ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي ايف ايم 92.4 چينل جي انعام ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد طاهر عالم خان، ايس ايس پي ٽريفڪ ملڪ مطلوب احمد، ايس پي خالد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، وفاقي وزير چيو ته ٽريفڪ پوليس اسان جون زندگين کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هي عمل عبادت آهي ۽ انسانن جون زندگيون بچائڻ تمام وڏي عبادت آهي. هن چيو ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جو ريڊيو ايف ايم 92.4 شهرين کي قانون تي عمل ڪرڻ ۽ انهن کي رستو ڏيکارڻ ۾ اهم مدد ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *