اسلام آباد هاءِ ڪورٽ غداري ڪيس بابت خاص عدالت کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي عدالت کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي اڱاري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج جسٽس اطهر من الله شوڪت عزيز زاهد حامي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران درخواست گذرن جي وڪيل افتخار گيلاني ايڊووڪيٽ خواجه حارث ايڊوڪيٽ ۽ وسيم سجاد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو وڪيل فروغ سيم به موجود هو ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيلن کان علاوه خصوصي عدالت ۾ پرويز مشرف جو وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم به موجود هو درخواست گذار جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته 21 نومبر تي انهن جي مئوڪلين سنگين غداري ڪيس ۾ شريڪ ملزم نامزد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو خصوصي عدالت کي هي اختيار حاصل نه هو ته هو ڪنهن کي ملزم نامزد ڪري اهڙي طرح عدالت پنهنجن اختيارن کان وڌي ويئي آهي وڪيلن مطابق ان جي مئوڪلن خلاف ڪنهن به قسم جي تفتيش ناهي ڪئي ويئي عدالت کي صرف هي اختيار حاصل هو ته هو جاچ ايجنسي کي هي حڪم جاري ڪري ته ڄاڻايل ماڻهن جي حُالي سان جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته انهن جو سنگين غداري ڪيس ۾ ڪوئي ڪردار ٿئي پيو جنهن تي جسٽس اطهرمن الله پاران ٻه قانوني سوال ڪيا ويا ته جن ۾ پهريون هي سوال هو ته انهن ٽنهي ماڻهن جي درخواستن جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ٻڌڻي قابل آهي يا نه جيڪڏهن هي درخواستون ٻڌڻي لائق آهن ته هي ڏسڻو پوندو ته خاص عدالت کي انهن ماڻهن کي جوابدارن کي شريڪ ملزم بنائڻ جو اختيار حاصل هو يا نه ان موقعي تي افتخار گيلاني دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ٻيو مثال موجود نه هجي ته هاءِ ڪورٽ کي هي اختيار حاصل ته هو حد ۾ ڪيس ۾ مداخلت ڪري اهو ٻڌي جسٽس اطهر من الله جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙِ طرح هڪ خاص عدالت يا بئنچ ڪم ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو ان حوالي سان افتخار گيلاني اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪيس جو مثال ڏنو جنهن ۾ ان جو ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هلي رهيو هو جيڪو سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪائونسل جي ڪارروائي روڪي فل ڪورٽ بڻائي ڪيس ان ۾ ريفر ڪري ڇڏيو هو درخواست گذارن جي وڪيلن عدالت کي اپيل ڪئي ته جيستائين انهن جي درخواستن تي فيصلو نه ٿيندو ان وقت تائين خصوصي عدالت جي ڪارروائي روڪي وڃي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿي سگهنديون جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ موجود هو جنهن کان جسٽس اطهر من الله ڪارروائي روڪڻ جي حوالي سان پڇيو هو هن به رضامندي ظاهر ڪئي دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي عبوري حڪم ۾ سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي عدالت کي درخواستن متعلق فيصلي تائين ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ڪيس جي ٻڌڻي 3 فيبروري کان روزاني جي بنياد تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *