اسلام آباد مان حفيظ شيخ جي ڪاميابي جِي دعويٰ، ملڪ مان پئسي جِي سياست ختم ڪرڻي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام سينيت جي اليڪشن ۾ شفافيت جو قائل آهي پئسي جي سياست جي انت تائين شفافيت نٿي اچي سگهي سينيٽ ۾ اسلام آباد ۾ حفيظ شيخ ڪامياب ٿيندو ضمني اليڪشن ۾ ايندڙ نتيجا دل سان قبول ڪنداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اهڙي پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت چاهي ٿي ملڪ ۾ شفافيت تڏهن ايندي جڏهن عوام جي ترجماني ٿيندي هن چيو ته سينيٽ اليڪشن پڙي بڻجي وڃي ٿي وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن هاڻي به خريد ۽ وڪرو ٿي رهي آهي سينيٽ ۾ متناسب نمائندگي هئڻ گهرجي وفاقي وزير چيو ته اها لازمي خبر پوڻ گهرجي ته ڪنهن ڪنهن کي ووٽ ڏنو بلاول ڀٽو چيو هو ته هو به ان طرف مائل ٿي رهيو آهي اپوزيشن وارا سمجهن ٿا اسان سينيٽ اندر چونڊن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون سڌسماءِ جي وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ الڳ مسئلو آهي ميثاق جمهوريت خود (ن) ليگ ۽ پ پ ڪيو هو وفاقي وزير چيو ته حڪومتي جماعت هوندي پنهنجي وسيلن مان فائدو وٺي وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگهون ٿا پر اسان ان روايت کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا هن چيو ته پوري قوم وڊيو ۾ ڏٺو ته ثبوت ڇا آهن پاڪستان تحريڪ انصاف خريد ۽ وڪرو تي پنهنجي 20 ميمبرن کي ڪڍي ڇڏيو هو وفاقي وزير چيو ته 2013 کان عمران خان شفافيت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي اسلام آباد جي سيٽ حفيظ شيخ کٽندو هن چيو ته اسان وٽ نمبر پورا آهن اليڪشن کان اڳ خريد ۽ وڪرو جمهوريت کي ڪمزور ڪري ٿو هن چيو ته جهانگير ترين جو اسان جي پارٽي سان گهرو تعلق هو جهانگير ترين جا پنهنجا تعلقات آهن هو به حفيظ شيخ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي پارٽي سان جهانگير ترين جون همدرديون اڄ به آهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو اسان جي رهنمائي ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.